روح رنو اڌ رات

روح رنو اڌ رات

روح رنو اڌ رات

روح رنو اڌ رات (ڪتاب): هي نامور شاعر ماٺيڻي اوٺي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو سندس سئوٽ زاهد اوٺي ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ ماٺيڻي جي پهرئين ڪتاب ’وڇوڙي جا گيت‘ واري شاعري ۽ ٻي شاعري گڏ ڪري ڏني وئي آهي. هن ڪتاب ۾ غزل، ڪافيون، وايون، گيت، نظم ۽ قطعا شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا ’ڇوڪرين، نوڪرين ۽ هارايل جوارين جي نالي‘ ٿيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. ان کانسواءِ مظهرالحق صديقي، عزيز مهراڻوي، بلاول اوٺي ۽ امداد حسينيءَ جا تاثراتي مضمون به ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. هن ۾ مزاحمتي ۽ سماجي مسئلن بابت وڌ ۾ وڌ شاعري موجود آهي.
ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد سان چار رنگي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جا 127 صفحا آهن ۽ قيمت 120 روپيا آهي. هي ڪتاب مهراڻو پبليڪيشن ٿرپارڪر 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو